شعور ڪتاب

شعور ڪتاب

شعور ڪتاب

شعور (ڪتاب): هيءُ ڪتاب برک محقق اديب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو آهي. هيءُ ڪتاب 15 عنوانن ۾ ورهايل آهي، جيڪي ترتيبوار هيٺ ڏجن ٿا: (1) سمجهه ڇا کي ٿو چئجي، (2) ماڻهوءَ راڄ ڪيئن ٺهيو ۽ ان ۾ سمجهه ڪيئن وڌي؟ (3) ڇا ٻوليءَ کانسواءِ ڪا به سوچ ڪا به سمجهه ٿي سگهي ٿي؟ (4) سمجهه وسيلي ماڻهو ڇا ٿو ڪري؟ (5) سمجهه حقيقت ۾ ڇا آهي؟ (6) حياتي ڇا آهي؟ (7) احساس جون واٽون ڪهڙيون آهن؟ (8) سوچ جون واٽون ڪهڙيون آهن؟ (9) سوچ جون واٽون اسان جي دماغ تائين ڇا ٿيون پهچائين، (10) غلط سوچ ڇو ٿي ٺهي، (11) ڀڳوان- ڌڻي- ديو- ديوتا، (12) ماڻهو جا هٿ ٺاهيا بي ساهه عضوا، (13) ماڻهوءَ جو دماغ، ڳتيل- منظم، جيئرو مادو، (14) روحاني خوشي ڇا آهي ۽ (15) سمجهه جو مادي تي اثر.
هن ڪتاب جي ارپنا ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي شاگرد ۽ قومپرست اڳواڻ ستار هڪڙي کي ڪيل آهي. هن ڪتاب جا ٻه اکر رياضت ٻرڙي ۽ ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل برک اديب تاج جويي لکيو آهي. هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ستين ورسيءَ جي موقعي تي 2004ع ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي، قنبر طرفان شايع ڪيو ويو. 134 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت سؤ روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو